پنجاب ۾ ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهڻ لاءِ 8 کان 10 لک رپيا امداد ڏني ويندي: چوڌري پرويز الاھي
لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته شهباز شريف جنهن سٺي طريقي سان پئسا گھري سگھي ٿو ائين ٻيو ڪير نٿو گھري سگھي. لاهور پريس ڪلب ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو ته صحافين جي ڀلائي لاءِ ڪوششون جاري رکنداسين، صحافين جي ڀلائي لاءِ اهڙا قانون جوڙينداسين جنهن کي ڪا حڪومت تبديل نه ڪري سگھي، پريس ڪلب جي ميمبر صحافين لاءِ آپريشن به فري ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو. چوڌري پرويز الاهي جو چوڻ هو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري آهن، ٻوڏ متاثرن جي گھرن جي اڏاوت لاءِ روڪ رقم ڏني ويندي، ٻوڏ متاثرن کي گھر ٺاهڻ لاءِ 8 کان 10 لک رپيا امداد ڏني ويندي. سندس چوڻ هو ته عمران خان جي قيادت ۾ پنجاب حڪومت سڀ کي سک ڏيندي، عمران خان جي ٽيليٿون ۾ هن وقت تائين اڍائي ارب رپيا گڏ ٿيا آهن، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ خوراڪ تي 40 سيڪڙو سبسڊي ڏينداسين ۽ هر زميندار کي سولر پممپ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، صحت ڪارڊ بهترين ۽ سٺي اسيڪم آهي، ان تي عمل درآمد لاءِ به ڪم ڪنداسين. پنجاب جي وڏي وزير جو چوڻ هو ته شهباز شريف جنهن سٺي طريقي سان پئسا گھري سگھي ٿو ائين ٻيو ڪير نٿو گھري سگھي.
سيپٽمبر 12, 2022