پاڪستان ۾ بولڊ آئٽم نمبر آئون شروع ڪرايا
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميزبان ۽ ماڊل مٿيرا دعويٰ ڪندي چوي ٿي ته پاڪستاني فلمن ۾ آئٽم نمبر هن ٻيهر شروع ڪرايو هو.
”آئٽم نمبر يا آئٽم سانگ“ کي ڪنهن به فلم ۾ اسڪرپٽ کانسواءِ به شامل ڪيو ويندو آهي.
پاڪستاني ۽ ڀارتي فلمن ۾ گھڻو ڪري آئٽم سانگ يا آئٽم نمبر گيت اداڪارائن تي ٻڌل هوندا آهن، جن ۾ ڪنهن به اداڪارا کي ننڍي لباس ۾ بولڊ انداز ۾ گھڻن مرد ڊانسرز سان گڏ ڊانس ڪرايو ويندو آهي.
پاڪستان فلمن ۾ آئٽم سانگ ڪرڻ تي ڪيترن ئي اداڪارائن مخالفت ڪئي ته ٻي پاسي آمنا الياس، عائشا عمر سوڌو ٻيون اداڪارائون فلمن ۾ آئٽم سانگ ڪري چڪيون آهن.
تازو ئي مٿيرا هڪ پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جتي هن پاڪستان فلمن ۾ آئٽم سانگ جي بحالي جي حوالي سان دعويٰ ڪئي.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ آئٽم نمبر فلم ”مين هون شاهد آفريدي“ کان ٻيهر شروع ڪئي هئي ۽ ان آئٽم سانگ ۾، آئون گھڻا ننڍا ڪپڙا پهريا هئا.
مٿيرا چيو ته ان آئٽم سانگ ۾ جنهن لباس جي چونڊ ڪئي اهي مون لاءِ نارمل هئا.
همايون سعيد جي فلم”مين هون شاهد آفريدي“ 2013 ۾ رليز ٿي هئي جنهن ۾ مٿيرا آئٽم سانگ ”تير هي ڪمي“ تي پرفارم ڪيو هو.
