اهڙو ڪردار ادا ڪيو جو بعد ۾ نفسياتي ماهر وٽ وڃڻو پيو: غنا علي
ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ماڊل ۽ اداڪارا غنا علي موجب هڪ ئي وقت هڪ جهڙا ڪيترائي ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري سندس ذهني صحت تي اثر پيو جنهن سبب کيس نفسيات جي ماهر وٽ به وڃڻو پيو.
تازو هڪ شو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته کيس اداڪاري جو شوق ننڍپڻ کان هو ۽ شروع ۾ هن ٿيٽر ۾ ڪم ڪيو پر بعد ۾ کيس احساس ٿيو ته کيس اداڪاري ڪرڻ گهرجي.
هن انڪشاف ڪيو ته کيس ننڍڙن ڪردارن لاءِ ڏهاڙي ٽي هزار رپيا معاوضو ڏنو ويندو هو.
هن اهو به انڪشاف ڪيو ته هڪ مداح سندس پيڇو ڪندو هو ۽ ڪراچي لڏي اچڻ بعد به لاهور مان پيغام موڪليندو رهندو هو مان کيس بلاڪ ڪندي هيس وري نئين نمبر تان رابطو ڪندو هو پر اڄ تائين ڪڏهن سامهون ناهي آيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ هن اعتراف ڪيو ته ڊگهي وقت کان اسڪرين تي ٻيهر واپسي ۽ ناڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪري ڪردار تي ان جو اثر پيو هو ۽ پوءِ مڙس سان به لهجو تکو ٿي ويو هو جنهن تي مڙس ٻڌائيندو هو ته هاڻي منهنجو رويو درست ناهي.
تنهن بعد کيس نفسيات جي ماهر ڏانهن وڃڻو پيو هو.
آگسٽ 11, 2023