ڏوڪري: برسات دوران فوت ٿيندڙن جي وارثن ۾ ڏهن لکن جا چيڪ تقسيم
ڏوڪري ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايم پي اي حزب ﷲ خان ٻگهيو جي فرزند پاڪستان پيپلزپارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي عرف امر خان ٻگهيو،اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي، مختيار ڪار ڏوڪري خالد حسين لنڊ، اسٽنٽ مختيار ڪار قاضي امجد بشير، يوسي وڏي وهڻي چيئرمين محمد علي راڄپر، اسٽنٽ ڪمشنر آف اسٽنٽ قاضي سڪندر، سئينر ڪلارڪ امداد ٻگهيو ۽ ٻين پاران اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري جي آفيس ۾ برسات دوران فوت ٿيندڙن جي وارثن ۾ ڏهن لکن جا چيڪ ورهايا ويا.
ان موقعي تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي نائب صدر محمد علي عرف امر خان ٻگهيو، اسٽنٽ ڪمشنر ڏوڪري محسن رضا دستي، مختيار ڪار خالد حسين لنڊ، يوسي چيئرمين محمد علي راڄپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت برساتن متاثرن جي ڀرپور واهر ڪري رهي آهي، برسات دوران فوت ٿيندڙن جي وارثن ۾ ڏهن لکن جا چيڪ ورهايا ويا آهن.
هنن چيو ته سنڌ حڪومت برسات ۽ ٻوڏ دوران متاثرن جا گهر تعمير ڪرائي رهي آهي. ان موقعي تي ميمبر ضلعي ورڪنگ ڪاميٽي لاڙڪاڻو رياض حسين سومرو، ڊپٽي انفارميشن سيڪريٽري يوسي دڙا محمد صفر جوڻيجو، پ پ پ اڳواڻ عبدالواجد ٻگھيو ۽ ٻيا موجود ھئا.
آگسٽ 10, 2023