دادو : پ پ شهيد ڀٽو پاران اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي )دادو ۾ پ پ پ شهيد ڀٽو ضلع دادو پاران تلوار نشان پيپلز پارٽي کي الاٽ ڪرڻ ۽ مۡڪي جو نشان پ پ شهيد ڀٽو کان واپس وٺڻ خلاف هٿن ۾ بينر ۽ پارٽي جهنڊا کڻي دادو پ پ شهيد ڀٽو آفيس کان پيادل مارچ ڪري دادو اليڪشن ڪميشن آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري اليڪشن ڪميشن خلاف سخت نعري بازي ڪري ڌرڻو هنيو،

ان موقعي صمد عباسي، رزاق جمالي،زين گهلو، غلام نبي جمالي، بشير سولنگي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته موجوده اليڪشن ڪميشن زرداري ليگ جي بي ٽيم آهي جنهن پ پ شهيد ڀٽو جو مڪي جو نشان واپس ڪرڻ سان گڏ تلوار جو نشان پيپلز پارٽي کي الاٽ ڪري شهيد ڀٽو جي لکين ڪارڪن ۽ لکين همدرد جي جذبات سان کيڏيو آهي،

پ پ شهيد ڀٽو جو ڪارڪن ۽ جهموريت پسند پاڪستان جو هر شي اليڪشن ڪميشن جي ان فيصلي کي رد ڪري ٿو،اسان همشيه جهموريت جو ساٿ نه ڇڏيو آهي،

 اسان جي ليڊرن کي شهيد ڪيو ويو پر اسان ڪڏهن به رياست خلاف نه وياسين هاڻ به اسان پاڪستان جي قانون ۽ آئين تي عمل ڪيو ٿا پر پاڪستان اليڪشن ڪميشنر پيپلز پارٽي ۽ آصف زرداري سان دوستي نڀائي غير آئيني فيصلا ڪري ملڪ اندر هڪ سياسي پارٽي جي ڪارڪن ۾ ڀت سان لڳائي آمريت وارا فيصلا ڪري پيو،

هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ماملي جو نوٽيس وٺي پاڪستان اليڪشن ڪمشنر جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي  سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ملڪ اندر سياسي ڪارڪن مان بيچني دور ڪئي وڃي،ٻي صورت  پوري ملڪ اندر پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

آگسٽ 7, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو