قرت العين بلوچ سٺو ڇوڪرو نه ملڻ سبب اڃا تائين ڪنواري!
پاڪستان جي ناليواري گلوڪارا قرت العين بلوچ شادي نه ڪرڻ جو وڏو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
مشهور ڊرامي جي ٽائٽل سانگ ”وه همسفر ٿا“ سان شهرت جي بلندين تي پهچندڙ گلوڪارا قرت العين بلوچ کان هڪ پروگرام دوران سوال ڪيو ويو ته 2011 ۾ توهان شوبز انڊسٽري ۾ قدم رکيو پر اڄ تائين شادي ڇو ناهي ڪئي؟
جواب ۾ مرڪندي قرت العين چيو ته شادي نه ڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته مون کي ڪو سٺو ڇوڪرو مليو ئي ناهي، جڏهن مليو ته شادي ڪري ڇڏينديس پر ها مون سان گڏ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، ڇو ته مان انتهائي سخت طبعيت جي مالڪ آهيان.
هن وڌيڪ چيو ته ننڍپڻ ۾ ماءُ منهنجي ڳائڻ کي پسند نه ڪندي هئي، مان ننڍپڻ ۾ گهڻو تيز ڳالهائيندي هيس ۽ گانا به ائين ئي ڳائيندي هيس ته مون کي ماءُ ڦاٽل دُهل چئي سڏيندي هئي.
گلوڪارا چيو ته هاڻ خاندان ۾ ماءُ ئي منهنجي سڀ کان وڏي مداح آهي، ڇو ته مان اڄ زندگي ۾ جيتري ڪامياب آهيان انهن جي ڪري ئي آهيان، هوءَ مون کي اعتماد ڏيندي آهي ۽ منهنجو حوصلو وڌائيندي آهي.
آگسٽ 7, 2023