ڏوڪري: 9 سالن جو نينگر ٽن ڏھاڙن کان پراسرارگم، وارث پريشان

Spread the love

ڏوڪري (رپورٽر) ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عالماڻي جي 9 سالن جو نينگر 3 ڏينهن کان ڪراچي مان پراسرار جو پتو نه پيو.وارث سخت پريشان.  خبر موجب ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ عالماڻي جي 9 سالن جو نينگر چوٿين ڪلاس جو شاگرد بلاول علي پٽ معشوق جهتيال ڪراچي مان 3 ڏينهن کان گم ٿي ويو آهي

 وارثن پاران گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود به شاگرد جو ڪو به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، جڏھن ته گم ٿيل شاگرد جا وارث سخت پريشان آهن، ان سلسلي ۾ گم ٿي ويل نينگر بلاول علي جهتيال جي مامو رجب علي جهتيال ميڊيا کي ٻڌايو ته ڪراچي مان گهٽي ۾ راند ڪندي 3 ڏينهن کان گم ٿي لاپتا آهي، ڳولها ڪئي پر ڪٿي به ڏس پتو ناهي مليو، اسان اهڙو اطلاع حد واري ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي،

هنن چيو ته ڪراچي جي پوليس شاگرد جي ڳولا ڪرڻ ۾ ڪابه مدد ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ريجن ڪراچي، ايس ايس پي ريجن ڪراچي، وزيراعلي سنڌ سميت فوري طور نوٽيس وٺي ۽ اسان جو گم ٿي ويل شاگرد جي ڳولا ڪرائڻ ۾ مدد ڪن.

آگسٽ 5, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو