سارا علي خان جو تنقيد ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي نوجوان اداڪارا سارا علي خان مذهب ۽ لباس سبب تنقيد جو نشانو بڻائيندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب بالي ووڊ ننڍي نواب سيف علي خان جي ڌيءَ سارا علي خان تازي انٽرويو ۾ چيو ته آئون گھڻين فطري، گھڻين اندروني ۽ گھڻي موروثين خاصيتن سان گڏوڏي ٿي آهيان، جيتوڻيڪ اهي خاصيتون مون ۾ مضبوطي سان موجود آهن تنهنڪري آئون ڪنهن جي تبصري مان متاثر ناهيان ٿيندي.
سارا علي خان چيو ته آئون هاڻ به اها ئي سارا علي خان آهيان جيڪا روسي تاريخ جي پڙهائي لاءِ ڪولمبيا وئي هئي، منهنجي زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو سبب منهنجي اندر شعور آهي جيڪو مون کي ڪنهن ٻئي جي مشوري مان متاثر ناهي ٿيڻ ڏيندو.
اداڪارا چيو ته آئون ان تنقيد کي بلڪل ساراهيندي آهيان جيڪو منهنجي ڪم بابت ڪيو ويو هجي، جيتوڻيڪ آئون مداحن لاءِ محبت ڪندي آهيا ۽ جيڪڏهن کين منهنجو ڪم پسندي ايندو آهي ته ان کي بهتر بڻائڻ منهن جي پهرين ذميواري آهي.
هن واضح ڪيو ته منهنجي مذهب، هيئر اسٽائل يا ذاتي زندگي تي تنقيد ڪئي ويندي آهي ته ان کي مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيندي آهيان.
سارا علي خان تازو ئي فلم ذرا هٽڪي ذرا بچڪي ۾ اداڪار وڪي ڪوشل سان نظر ايندي. فلم کي باڪس آفيس تي گھڻو پسند ڪيو ويو.
آگسٽ 5, 2023