اسلام آباد: مختلف مرضن ۾ استعمال ٿيندڙ 200 کان وڌيڪ دوائن جي کوٽ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ مختلف مرضن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ 200 کان وڌيڪ دوائن جي کوٽ پيدا ٿي وئي.
ذريعن موجب مارڪيٽ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل دوائن جي کوٽ آهي، ٽي بي، رت ڇِٽو ڪندڙ دوائون، مختلف ويڪسينز ۽ بائيولاجيڪل پروڊڪٽس مارڪيٽ ۾ نه پيا ملن.
پاڪستان فارماسيوٽيڪل مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب پيداواري خرچن ۾ واڌ سبب ڪيتريون ئي دوائون نه پيون ٺاهيون وڃن.
ان حوالي سان پاڪستان ڪيمسٽ اينڊ ڊرگس ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اگهه وڌڻ سبب امپورٽرز به ٻاهرين ملڪن مان دوائون نه پيا گهرائين.
طبي ماهرن موجب دوائن جي بحران سبب مارڪيٽ ۾ اسمگلڊ ۽ جعلي دوائون فراهم ڪيون پيون وڃن.
ڊريپ اختيارين جو چوڻ آهي ته هارڊ شپ ڪيسن طور صحت واري وزارت کي 220 کان وڌيڪ دوائن جا اگهه وڌائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، نين دوائن کي ترجيحي بنيادن تي رجسٽريشن ڏئي ان مسئلي کي حل ڪري رهيا آهيون.ا
آگسٽ 3, 2023