سانگهڙ ۾ پورهيت جو جڳھھ تي بااثر پاران قبضي خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) سانگهڙ ۾ چھريون، ڏاٽرا ۽ بيلچا ٺاهي پيٽ گذر ڪندڙ پورهيت جي جاء تي بااثر پاران قبضي خلاف پورهيت جو احتجاج، ون فائيو پوليس سينٽر جي ڀرسان سالن کان پنهنجي ٻچن جي روزي خاطر چھريون، ڏاٽرا، ڪهاڻيون ۽ بيلچا ٺاهي پيٽ گذر ڪندڙ جي جاء تي مبينه طور بااثر قبضو ڪري پورهيون ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو،

ان حوالي سان احتجاج ڪندڙ پورھيت، عورت عاليا ڪاريو، جو چوڻ هو ته بااثر ڪاشف قصائي اسان جي بچن جي روزي تي قبضو ڪري ورتو آهي ون فائيو پوليس سينٽر وٽ اسان ڪافي سالن کان پنهنجي ٻچن جي روزي ڪري رھيا آھيون

پر هاڻي هن بااثر وڏي رقم ڏني آهي جنهن سبب اسان کي اٿڻ جو چيو ويو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان جو ڪم ڪهاڙي چھريون بيلچا ٺاهڻ آهي جنهن تي اسان جو ۽ اسان جي ٻچن جو گزر سفر ٿئي ٿو، پورهيت ايس ايس پي سانگهڙ ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو

 ته جنهن جاء تي سالن کان پگهر وهائي پنهنجي ٻچن جي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪندا آهيو ان جاء تان قبضو خالي ڪرائي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو