پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ رد، فيصلو واپس ورتو وڃي: صدر ڪاٽي

Spread the love

ڪراچي (رپورٽ : ثناءُ اللھ هڪڙو ) ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) جي صدر فراز الرحمان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ 19 رپين جي وڏي واڌ کي رد ڪندي چيو آهي ته پيداواري لاڳت جي رڪارڊ شرح ۽ بدترين مهانگائي برداشت نه ٿي ڪري سگهجي.

 هن چيو ته حڪومت يوم آزادي جي موقعي تي عوام کي پيٽرول بم جو تحفو ڏنو آهي جنهن ۾ هڪ مهيني ۾ 13 رپيا گهٽتائي ۽ 19 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي.

فراز الرحمان چيو ته هاڻوڪي واڌ سان نه رڳو صنعتڪار متاثر ٿيندا پر عوام تي به تمام خراب اثر پوندو، تازي واڌ سان عوام سخت معاشي دٻاءُ جو شڪار ٿيندو. اهڙين حالتن ۾ رليف فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي،

فراز الرحمان چيو ته صنعتن جي پيداواري لاڳت ۽ مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حڪومتي سطح تي هڪ جامع نظام جوڙيو وڃي، پيٽروليم ليوي ۽ ٽيڪسن ۾ اضافو ڪري ملڪ جي بجيٽ ۾ واڌ ڪئي وڃي. عوام متاثر ٿيو آهي صدر ڪاٽي چيو ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ ۽ ايل پي جي بم جي اثرن مان عوام ۽ صنعتڪار اڃا ٻاهر نه نڪري سگهيا آهن

 ته حڪومت پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ ڪري مشڪلاتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، فراز الرحمان چيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ واڌ، بجلي ۽ گيس جي بلن ۾ واڌ ۽ استعمال جي شين جي اگهن ۾ واڌ سبب پورهيت طبقو مهانگائي جي طوفان ۾ دٻجي رهيو آهي.

هن چيو ته ٻه ڏينهن اڳ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر بيان ڏنو هو ته ملڪ ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ٿيندي پر حڪومتي قدم سان مهانگائي گهٽ ٿيڻ بدران وڌي ويندي، جنهن سان حڪومت کي چونڊون ۾ نقصان ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اگهه وڌڻ سان سامان جي نقل و حمل جي قيمت ۾ به اضافو ٿيندو، ڪارگو جهازن جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مال بردار ڪمپنين پاران لاڳت ۾ رڪارڊ اضافو صنعت برداشت نه ڪري سگهي، فراز الرحمان چيو ته حڪمران عوام کي دفن ڪري رهيا آهن.

مهانگائي، غربت، بيروزگاري آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، مهانگائي گهٽجڻ بدران غريب عوام جي زندگي اجڙي وئي آهي.فراز الرحمان وڌيڪ چيو ته هاڻوڪي مهانگائي، بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ، روزگار جا موقعا گهٽجي رهيا آهن،

 صنعتون بند ٿي رهيون آهن، جڏهن ته سيڙپڪارن جي واپسي شروع ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ڪيئن ترقي ڪندو. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مهانگائي جو تناسب عوام جي قوت خرید مطابق رکيو وڃي. صدر کٽي وزيراعظم شهباز شريف کي اپيل ڪئي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو اضافو فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

آگسٽ 1, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو