خوش قسمتي جو زندهه آهيان: سشميتا سين
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا سشميتا سين چيو آهي ته ”هوءَ خطرناڪ هارٽ اٽيڪ کان بچڻ کان بعد هاڻ پهريان کان وڌيڪ محتاط ٿي وئي آهي“.
تازو ئي اداڪارا سشميتا سين ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي صحت بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته هو پاڻ کي خوش قسمت سمجهي ٿي جو هوءَ هڪ شديد هارٽ اٽيڪ کان پوءِ به زندهه آهي.
اداڪارا چيو ته زندگي ۾ ڪيترائي ڀيرا اسان کي سکڻ لاءِ ملندو آهي، اهو هڪ وقت هو جنهن مان هوءَ گذري وئي ۽ هاڻ اها سندس خوشسمتي آهي جو هوءَ زندهه آهي.
سشميتا چيو ته هو هاڻ پنهنجي صحت بابت ڊنل ناهي پر اڳ کان وڌيڪ محتاط ٿي وئي آهي، ان واقعي مان هن سبق سکيو آهي ته جڏهن زندگي اوهان کي جيئڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏئي ته اوهان کي ان جو احترام ڪرڻ گھرجي.
جُولاءِ 31, 2023