فوجي عدالتن ۾ عام شهرين جو ٽرائل، هڪ ڀيرو وري فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ ۾ عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل خلاف ڪيس ۾ هڪ ڀيرو وري فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست گذار ڪرامت علي جي وڪيل فيصل صديقي فل ڪورٽ جوڙڻ جي متفرق درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ماضيءَ ۾ به فوجي ٽرائل بابت ڪيس نوَ ميمبرن تي ٻڌل بئنچ يا فل ڪورٽ ئي ٻڌو آهي، حڪومت جا ڪيئي وزير به موجودا بئنچ تي پبلڪ ۾ تنقيد ڪري چڪا آهن، فل ڪورٽ جي فيصلي تي اڄ تائين فوجي آمرن سميت سڀني عمل ڪيو آهي.
درخواست گذار جو موقف آهي ته بئنچ جي ميمبر يحييٰ آفريدي به فل ڪورٽ جوڙڻ جو چئي چڪو آهي، ضروري ناهي ته سمورا ججن تي ٻڌل ئي فُل ڪورٽ هجي، چيف جسٽس پاڪستان موجود ججن تي مشتمل فل ڪورٽ ٺاهي ڪيس ٻڌي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اٽارني جنرل پهرين ئي خاطري ڪرائي چڪو آهي ته ڪنهن به سويلين جو ٽرائل شروع ناهي ٿيو، فل ڪورٽ جو فيصلو اچڻ سان سويلين جو فوجي عدالت ۾ ٽرائل جو معاملو به حل ٿي ويندو.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عام شهرين جي فوجي عدالتن ۾ ٽرائل جو ڪيس عام مفاد جو آهي تنهنڪري اِهو فل ڪورٽ ۾ ٻڌو وڃي.
جُولاءِ 31, 2023