ڪشمور: وزيراعلي سنڌ گڊو بئراج تي پھچي پاڻي صورتحال جو جائزو ورتو

Spread the love

ڪشمور (رپورٽ : طلعت نظير دايو) گڊو وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ گڊو بئراج تي پھچي پاڻي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ چيف انجنيئر گڊو بئراج اسحاق عباسي ۽ ايڪسيئن گڊو بئراج کان بريفنگ ورتي ۽ گڊو بئراج ۾ وڌندڙ پاڻي جي صورتحال جو جائزو ورتو

 ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي بريفنگ ڏيندي چيف انجنيئر گڊو بئراج ۽ ايڪسيئن گڊو بئراج ٻڌايو ته گڊو بئراج جي بچاءُ بندن ايل ايم بچاءُ بند، آر ايم بچاءُ بند ۽ ڀنگ بچاءُ بند جي صورتحال تمام بھتر آھي

ھنن بريفنگ ڏيندي چيو ته گڊو بئراج وٽ وچولي درجي جي ٻوڏ برقرار آهي جڏھن ته وڏي ٻوڏ اچڻ جو ڪوبه امڪان نه آھي 24 ڪلاڪن اندر گڊو بئراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ لاٿ اچڻ جا امڪان آهن

جيڪڏهن برساتون پيون ۽ گڊو بئراج ۾ پاڻي جي واڌ ٿي تہ پوء گڊو بئراج ۾ وڌ ۾ وڌ 6 کان 7لک ڪيوسڪ پاڻي ايندو جنھن ۾ ڪابه خطري واري ڳالھ نه آھي جڏھن ته بريفنگ بعد وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ کي چيف انجنيئر گڊو بئراج اسحاق عباسي ۽ ايڪسيئن گڊو بئراج عبدالعزيز سمائر گڊو بئراج پل جي گيٽن جي ھلندڙ ڪم جو معائنو ڪرايو

جڏھن ته وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ جي گڊو بئراج آمد دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ھئا ڪشمور ضلعي مان 200 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار اي ايس آئي ۽ انسپيڪٽر سميت پوليس جي وڏي نفري گڊو بئراج پل جي ٻنھي طرفن کان بيھاري وئي ۽ وزيراعلي جي آمد وقت گڊو بئراج پل جي ٻنھن طرفن کان ٽريفڪ ھڪ ڪلاڪ لاء روڪي وئي ھئي

 جنھن دوران سکر، صادق آباد، رحيميارخان، روجھاڻ، راجنپور، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، سئي ۽ بلوچستان ڏانھن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون ۽ گاڏين ۾ سوار مسافرن کي سخت گرمي سبب وڏي مشڪلات جو مونھن ڏسڻو پئجي ويو

جڏھن ته ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ سان گڏ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو مظھر نواز شيخ، صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، ڄام خان شورو، شبير علي بجاراڻي، ايم پي اي شھريار شر، ايم پي ڪشمور حاجي عبدالرئوف کوسو، ايس ايس پي گھوٽڪي تنوير احمد تنيو، ايس ايس ڪشمور امجد علي شيخ، پي پي ضلعي ڪشمور اڳواڻ مير اسرار احمد خان کوسو چيئرمين ضلع ڪشمور گل محمد خان جکراڻي، ڊي سي ڪشمور منور علي مٺاڻي، مختيارڪار ڪشمور اعجاز احمد ٻرڙو، سپريٽنٽ انجنيئر سلطان مھر، انجنيئر بي ايس فيڊر اظھر دين ڀٽو، انجنيئر ڪشمور ڊويزن محڪم الدين بجراڻي، ايس ڊي او جاويد علي چاچڙ، ٽائون چيئرمين گڊو ياحيٰ خان پٺاڻ، ڪونسلر گڊو لياقت علي دشتي، پڻ موجود ھئا.

جُولاءِ 30, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو