مان نٿي وڻان ته فلم نه ڏسو: هما قريشي جو ٿلهي چوڻ وارن کي جواب
ممبئي (شوبز نيوز) هما قريشي پنهنجي وزن بابت ٽرول ڪرڻ وارن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪنهن تي ذاتي تبصرا ڪرڻ بدران جيڪڏهن توهان کي فلم پسند نه اچي يا اداڪاره سٺي نه لڳي ته فلم نه ڏسو.
سوشل ميڊيا تي ٽرولنگ ڪا نئين ڳالهه ناهي ۽ جڏهن باڊي شيمنگ جي ڳالهه اچي ٿي ته تبصرا ڪندڙ پوئتي نٿا رهن.
راني مکرجي کي پنهنجي آواز ۽ اڀيشڪ بچن کي پنهنجي پيءُ وانگر ڪامياب نه ٿيڻ تي ٽرول ڪيو ويندو آهي.
وديا بالن کي سندس وڌندڙ وزن تي تنقيد ۽ جو نشانو بڻايو ويو ۽ هاڻ ان لسٽ ۾ هما قريشي جو نالو به شامل ٿي ويو آهي.
گينگز آف واسي پور جي اسٽار هما قريشي کي مسلسل پنهنجي ٿلهي هجڻ جي ڪري ٽرول ڪيو پيو وڃي.
هڪ انٽرويو ۾ 37 ورهين جي اداڪاره هما قريشي چيو ته ماڻهو اداڪارن تي ذاتي حملا ڪرڻ جي عادت رکن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن اداڪاره کي پسند نه ڪيو وڃي ته ٺيڪ آهي پر ذات پات جو استعمال نه ڪيو وڃي.
اداڪارا چيو ته بدتميزي ڪرڻ ۽ توهين جوڳا لفظ استعمال ڪرڻ سٺي عادت ناهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تمام خراب لڳي ٿو ته ان جون فلمون نه ڏسو.
جُولاءِ 30, 2023