وڳڻ: 9 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) وڳڻ ۾ 9 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو سيڪورٽي جا انتظام سخت ماتمي جلوس سان گڏ معصوم امام اصغر جو پينگھو ڳوٺ عالي کبڙ جي امام بارگاھ مان هر سال وانگر برآمد ڪيو ويندو آھي
جيڪو وڳڻ شھر جي پراڻي بازار پهچندي آھي ۽ اتان پراڻي بازار واري امام بارگاھ مان پپو شيخ جي طرفان به ماتمي جلوس ڪڍيو ويندو آھي هن ماتمي جلوس ۾ علائقي واسين مئومن عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي پڻ سينا زني زنجيرن سان ماتم ڪيو ويو
عزادرن لا۽ وڳڻ صحت مرڪز پاران طبعي ڪئمپ پڻ قائم ڪئي وئي پوليس طرفان پڻ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا جڏهن تـ ٽائون ڪاميٽي پاران صفائي سٿرائي جو جائزو ھر ھنڌ سبيلون قائم ڪربلا جي اسيرن جي ياد ۾ غم حسين ملهائي رهيا آھن
جڏهن ته شيعا علماء ڪائونسل جي اڳواڻن سيد رياض حسين شاھ ـ سيد عمران علي شاھ ـ غلام اڪبر جتوئي ـ فقير قربان علي مغيري ـ نور حسين مغيري ـ عبدالحميد مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مخلتف روڊن رستن کان ٿي ڪري
مک چونڪ تي پهچي ذاڪر خدمت علي قمبراڻي ۔ مظهر حسين عابدي ۽ شيعا علما۽ ڪائونسل جي اڳواڻ سيد رياض حيسن شاھ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ان موقعي تي مٿين اڳواڻن مولاء ڪائنات امام حسين عليه السلام جي زندگي ۽ ڏنل قرباني تي مختصر روشني وڌي ٻڌنڌڙ مؤمنن جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ھنن وڌيڪ چيو تـ ڪربلا جو واقعو دين بچائڻ لا۽ ھيو ۽ پياري رسول سرور ڪائنات محمد مصطفي صلعم جو دين مولا۽ ڪائنات امام حسين عليه السلام قرباني ڏئي بچايو سختيون برداشت ڪيون خيما ساڙيا ويا پاڻي بند ڪيو ويو
ان وقت جي ظالم يزيد امام سڳورن تي جبر ستم ڪيا ۽ پياسو معصوم امام اصغر شھيد ڪيو ان باوجود يزيد آڏو ڪنڌ نـ جھڪايو پر دين خاطر پنهنجن جون قربانيون ڏنيون ۽ اسلام کي سربلند ڪيو آخر ۾ سينا زني زنجير زني سميت خصوصي دعا گھري وئي
جُولاءِ 28, 2023