” پاڪستان ۽ ڀارت جو عوام ويڙهه نٿو چاهي“
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪار سني ديول چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جو عوام ويڙهه نٿو چاهي، نفرت جي راند سياسي آهي ۽ ماڻهو هڪٻئي سان وڙهڻ نٿا چاهين.
اداڪار سني ديول اڄڪلهه پنهنجي ايندڙ فلم ” غدر ٽو“ جي مشهوري مهم ۾ مصروف آهي ۽ ان دوران هن پاڪستان ۽ ڀارت جي عوام بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي .
هن چيو ته ڪجهه ڏيڻ وٺڻ جي ڳالهه ناهي هوندي، ڳالهه انسانيت جي هوندي آهي، ڪنهن به قسم جي ويڙهه نه ٿيڻ گهرجي، ٻنهي پاسي ايترو ئي پيار آهي، اِها سياسي ڳٺجوڙ هوندي آهي جيڪا نفرتون پيدا ڪندي آهي ۽ اِهو سڀ ڪجهه اوهان هن فلم ۾ ڏسندئو.
اداڪار طرفان وڌيڪ چيو ويو آهي ته عوام نٿو چاهي ته هڪٻئي سان وڙهون نيٺ اسان سڀني جو واسطو هن ئي مٽيءَ سان آهي.
واضح رهي ته غدر ٽو ۾ اداڪار سني ديول سان گڏ اداڪارا اميشا پٽيل هڪ ڀيرو وري مک ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، فلم ايندڙ مهيني يارنهن آگسٽ تي وڏي پردي تي رليز ٿيندي.
جُولاءِ 28, 2023