سيوھڻ  ۾سبزواري سادات جي پڙ تان ذوالجناح جو جلوس برآمد

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي)  سيوھڻ  ۾  07 محرم الحرام جي ڏينھن سبزواري سادات جي سربراهي ۾ سبزواري سادات سيوھڻ جي پڙ تان ذوالجناح جو جلوس برآمد ڪيو ويو

  جيڪو روايتي روٽ تان ٿيندو حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله جي مزار جي قديمي علم پاڪ   وٽ پھتو جتي مجلس پڙھي ويئي مجلس پڙھي وڃڻ کانپوء ذوالجناح جو ماتمي  جلوس پنھنجي روايتي روٽن کان ٿيندو ميران جي قبن تي نھر ٿيو

جڏھن ت ھن ماتمي جلوس جي روٽن تي ننگر نياز ۽ پاڻي جون سبيلون پڻ لڳل نظر آيون، جڏھن  ت ھن ذوالجناح جي ماتمي جلوس ۾ سيوھڻ پوليس جي طرفان سيڪيورٽي جا سخت انتظام پڻ ڪيا ويا  ھئا، جڏھن ت ھن ماتمي جلوس ۾ ڪيترن عزادارن   شرڪت ڪئي ۽ سينازني ۽ زنجير زني جو ماتم پڻ ڪيو، 

جڏھن ت ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ جي انتظاميه طرفان 07 محرم الحرام جي ڏينھن سبزواري سادات طرفان نڪتل ذوالجناح جي ماتمي جلوس جي  روٽ جي صفائي پڻ ڪرائي ويئي ھئي.

جُولاءِ 27, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو