ملير : سلمان عبدالله مراد جي ڏاڏو و حاجي مراد بلوچ لاڏاڻو ڪري ويو
ملير ( رپورٽ: قادر درس ) پيپلزپارٽي ضلعي ملير جي صدر ۽ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد جو ڏاڏو حاجي مراد بلوچ 90 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو حاجي مراد بلوچ جي جنازي نماز اباڻي ڳوٺ صديق بلوچ ملير ۾ ادا ڪئي وئي،
جنازي نماز ۾ مفتي اعظم سنڌ صاحبزادہ مفتي محمد جان نعيمي ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد بلوچ، نعمان مراد پيپلزپارٽي اڳواڻن وقار مهدي ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ ايم پي اي يوسف مرتضي بلوچ ايم پي اي سليم ڪلمتي، ايم پي راجا رزاق بلوچ نواز ليگ اڳواڻ نهال هاشمي، قادر بخش ڪلمتي، ٽائون چيئرمين طارق بلوچ جان محمد بلوچ رياض بلوچ ، نذير احمد ڀٽو ،انفارمیشن سيڪريٽري مير عباس ٽالپر، سميت مختلف سياسي سماجي مذهبي ڪاروباري شخصيتن سميت هزارن جي تعداد ۾ علائقي واسين شرڪت ڪئي.
تعزيتي تڏو صديق بلوچ ڳوٺ ۾ وڇايو ويو آهي جڏهن ته ٽيجهي جون رسمون خميس ڏهاڙي شام جو شايان فارم هائوس اولڊ ٿاڻي ۾ ادا ڪيون وينديون
جُولاءِ 26, 2023