روھڙي: گٽرن جا منهن کليل، حادثا معمول بڻيل، ڪيترائي ماڻهو گٽرن ۾ ڪري زخمي  ٿيا

Spread the love

روھڙي (رپورٽ : علي خان چنجڻ) روھڙي ۾ محرم الحرام دوران بہ شهر ۾ روڊ رستا اکڙيل ۽ گٽرن جا منهن کليل آهن جنهن ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا شهرين پاران روھڙي ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي

 احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندي گلزار احمد شيخ، ذيشان علي، تنوير عباس ۽ ٻين جو چوڻ هو تہ اٺن مهينن کان گٽرن جا منهن کليل آهن نااهل انتظاميا جي مسلسل ڪن لاٽار سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن

ڪيترائي ماڻهو گٽرن ۾ ڪري زخمي پڻ ٿيا آهن هر سال محرم الحرام دوران روڊ رستن جو تعميراتي ڪم ٿيندو آهي پر هن سال اسٽيشن واري روڊ کي نظر انداز ڪيو ويو آهي

هنن لاڳاپيل انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي تہ روڊ جو ڪنسٽرڪشن وارو ڪم شروع ڪرايو وڃي ۽ کليل گٽرن جا منهن بند ڪرائي شهرين کي بي چيني کان بچايو وڃي

جُولاءِ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو