سکر ۾تيز برسات پوڻ سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا، انتظاميا اگھور ننڊ ستل

Spread the love

سکر (رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به تيز برسات پوڻ سبب روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا.

منتخب بلدياتي نمائندن ۽ ميونسپل عملي جي محنتن سان سکر جي گهنٽا گهر چوڪ سميت ڪاروباري مرڪزن مان برساتي پاڻي نيڪال ٿيڻ بعد معمول مطابق ڪاروباري سرگرميون بحال ٿي ويون.

تفصيل موجب. سومر ۽ اڱاري جي وچ واري رات جو پيل تيز برسات سبب سکر شهر جي مختلف علائقن جي روڊن رستن تي مينهن جو پاڻي بيهجي ويو هو جڏهن ته سکر جي ٽائون ڪميٽي مڪي شاھ جي وائيس چيئرمين مرتضا گهانگهرو. ميونسپل ڪمشنر محمد علي شيخ. سماجي ورڪر ۽ پ پ ڪارڪن ڪي ڊي مهر سميت ميونسپل ڪارپوريشن عملي ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ جي هدايتن تي صبح سوير سان جمع ٿيل برساتي پاڻي کي نيڪال ڪرڻ لاء ڪوشان ٿي ويا

 جنهن سبب سکر جي دل ۽ مک ڪاروباري چوڪ گهنٽاگهر چوڪ ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن مان شهر کلڻ جي ٽائيم تائين پاڻي نيڪال ڪرائي ڇڏيو هو

جنهن بعد ڪاروباري سرگرميون معمول مطابق سڄو ڏينهن جاري رهيون. جڏهن ته ان موقعي تي مڪي شاھ ٽائون ڪاميٽي جي وائيس چيئرمين مرتضا گهانگهرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميئر سکر ارسلان سلام شيخ برسات دوران سکر شهر جي مختلف علائقن ۾ وڃي منتخب نمائندن سميت بلدياتي ملازمن کي مينهن جي پاڻي کي جلد کان جلد نڪال ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون

جنهن تي عمل ڪندي اسان رات ۾ ئي گهرن کان ٻاهر روڊن تي هياسي جنهن جي نتيجي ۾ صبح سان بازارو کلڻ کان اڳ ئي پاڻي کي نيڪال ڪيو. ٻئي طرف عدنان راجپوت ۽ ٻين شهرين جو چوڻ هو ته ميونسپل عملو ساڳيوئي آهي

 پر انهن کان ڪم وٺڻ جو طريقو صرف مرتضا گهانگهرو صاحب وٽ آهي  هن بروقت پهچي صفائي سٿرائي واري ڪم کي بهتر ڪري مثال قائم ڪيو آهي. شهرين اميد ڪئي ته ميونسپل ڪارپوريشن عملو آئنده به ائين ئي چوڪس رهندو.

جُولاءِ 25, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو