ريکا جي پنهنجي سيڪريٽري سان لاڳاپن جو انڪشاف

Spread the love

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا ريکا تي لکيل آتم ڪٿا ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا ويا آهن.

غير شادي شده هجڻ باوجود سندسمٿي ۾ سندور به سالن کان مداحن ۽ سندس چاهيندڙ جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ريکا جي آتم ڪٿا ڀارتي صحافي ياسر عثمان لکي آهي.

ياسر عثمان طرفان ريکا تي لکيل ڪتاب ”ريکا: دي ان ٽولڊ اسٽوري“ موجب ريکا پنهنجي سيڪريٽري فرزانا سان لو ان رليشن شپ يعنيٰ لاڳاپن ۾ آهي.

ليکڪ دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪريٽري فرزانا کانسواءِ ڪنهن کي به ريکا جي بيڊ روم ۾ وڃڻ جي اجازت ناهي، فرزانا ريکا لاءِ بهترين دوست، ڪنسلٽنٽ ۽ حامي آهي. ريکا ۽ فرزانا ٻئي هڪ ٻئي کانسواءِ نٿيون رهي سگهن.

ريکا جا گهريلو ملازم به سندس ڪمري ۾ داخل ناهن ٿيندا.

خيال رهي ته ريکا ۽ فرزانا ٽن ڏهاڪن کان گڏ آهن ۽ فرزانا بابت هر ماڻهو چاڻي ٿو.

ماضي جي ڳالهه ڪجي ته ريکا بابت اهو چيو ويندو هو ته هو اميتاڀ بچن جي محبت ۾ گرفتار هئي.

جُولاءِ 23, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو