مھانگائي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي: ڪامريڊ غلام مصطفيٰ چانڊيو
وڳڻ )رپورٽ: عاجز چانڊيو ( وڳڻ ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي سينيئر نائب صدر ۽ نصيرآباد ـ وارھ پاڻي ڪاميٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ غلام مصطفي’ چانڊيو پنهنجي ھڪ بيان چيو آهي تـ حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ وڌنڌڙ مھانگائي عوام کان جيئڻ جو حق کسيو آهي گذريل سال جي آفتن برساتن سبب الھ تلھ تباھ ٿي ويا فصل بـ ختم ٿي ويا ـ
ھاڻي وري پاڻي جي ھٿرادو کوٽ ۽ مبينا چوري وڪرو ڪندڙ آبپاشي کاتي جا عملدار پاڻي بااثرن کي وڪرو ڪن ٿا تعلقي وارھ ۽ نصيرآباد ۾ ساريالي فصل لا۽ پاڻي ناھي اچي سگھيو چونڊيل نمائندا سردار ڀوتار پڻ خاموش آهن
انساني خير خواھ نظر نـ پيا اچن عوام کين چونڊيو آهي علائقي جي ماڻھن جون زندگيون ۽ حياتيون پاڻي تي وابسطا آهن مال مويشي روزگار فصل ۽ جياپو پاڻي تي آهي پاڻي کوٽ تي سڃاڻ ڌريون اسان جو ساٿ ڏين ھن وڌيڪ چيو ته ڇنڇر ڏينهن نصيرآباد مين انڊس ھا۽ وي بلاڪ ڪيو ويندو وڳڻ واسي بـ اسان جي سڀاڻي لڳندڙ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن
جُولاءِ 22, 2023