اڪشي ڪمار جاويد شيخ تي سوني واچ چوري ڪرڻ جو الزام ڇو هنيو؟
لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪار جاويد شيخ مختلف بالي ووڊ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هو سپر اسٽار شاهه رخ خان ۽ اڪشي ڪمار سان گڏ اسڪرين شيئر ڪري چڪو آهي.هڪ نجي ٽاڪ شو ۾ ڳالهائيندي جاويد شيخ مختلف بالي ووڊ اداڪارن سان ڪم جي تجربي کي شيئر ڪندي ٻڌايو ته هڪ ڀيرو اڪشي ڪمار شرارت ڪندي هن تي چوري جو الزام لڳايو هو.اداڪار موجب شاهه رخ خان ۽ اڪشي ڪمار گھڻا عاجز هجڻ سان گڏ شرارتي به آهن ۽ فلم جي شوٽنگ دوران پنهنجين شرارتن سان ٽيم ميمبرن کي حيران ڪندا رهندا آهن.جاويد شيخ ٻڌايو ته مون وٽ ڪارٽيئر جي هڪ سون واچ هئي جنهن اڪشي ڪمار جو ڌيان ڇڪيو جيتوڻيڪ اڪشي مزاحيا انداز ۾ ائين اداڪاري ڪئي ڄڻ واچ هن جي هئي ۽ آئون چوري ڪئي آهي.سندس چوڻ هو ته اڪشي ڪمار ان موقعي تي ملازم ڇوڪري تي رڙيون ڪندي چيو ته هن اداڪار جي واچ جاويد صاحب کي ڇو ڏني آهي.جاويد شيخ موجب اڪشي ڪمار جي مذاق ٿوري وقت لاءِ ٽيم ميمبرن کي حيران ڪري ڇڏيو پر پوءِ ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ تي هنن ٽهڪ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا.
جُولاءِ 22, 2023