دادو واسين لاءِ صاف پاڻي جي فراهمي اولين ذميواري آهي: پيرمجيب الحق
دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي ) پيپلزپارٽي ايم پي اي بئريسٽر پيرمجيب الحق ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين پير دانش علي چيو آهي ته عوام جي خدمت عين عبادت آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي دادو جي شهرين کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي اسان جي اولين ذميواري آهي.
عوم کي سيوريج. روڊ ۽ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، مستقبل ۾ به ائين ئي ڪيو ويندو عوام کي سندن گهرن تي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جو بنيادي مقصد آهي
ان موقعي تي ايم پي اي پير مجيب الحق چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي پيردانش علي پبلڪ هيلٿ ايس ڊي او اويس ڏاوڇ، اسٽاف آفيسر امداد حسين ڏاوڇ ۽ وارڊ 7 جي ڪائونسلر سيد امير شاهه وارڊ نمبر 7 جو دورو ڪيو،
پير بخش ڪالوني، چارڻ ڪالوني، ڏاوڇ گهٽي ۾ عوام کي صاف واٽر سپلائي پاڻي جي سهولت ۽ پيونگ بلاڪ روڊ ٺھرائي واٽر سپلا لائن وڇائي ويندي.
جُولاءِ 20, 2023