ايس ٽي پي ضلعي گهوٽڪي پاران ميرپورماٿيلو ۾ امن مارچ ريلي ڪڍي وئي

Spread the love

گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) ايس ٽي پي ضلعي گهوٽڪي پاران ميرپورماٿيلو ۾ امن مارچ، ريلي، ضلعي ۾ امن ڪرائڻ جانعرا، ضلعي گهوٽڪي اندر روزاني جي بنياد تي ڦرون ڌاڙا عام ٿي ويا آھن، هتي قيبلائي تڪرار ۾ بشرا ساوند سميت 3ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.

ان کان علاوه ويڳي ماءُ هٿان سليمان لغاري ۽ ڪلثوم لغاري کي پڻ زهر ڏئي هڪ قبرستان ۾ ڦٽو ڪري اڇلايو ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي،

اڳواڻ تفصيل موجب ايس ٽي پي ضلعي گهوٽڪي پاران ميرپورماٿيلو ۾ امن مارچ ڪري مهراڻ ڪلب کان ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ڪارڪن شامل ٿيا، ان موقعي تي ضلعي ۾ امن ڪرائڻ جا نعرا لڳايا ويا، جڏهن ته  ريلي جي اڳواڻي ايس ٽي پي جي وائيس چئيرمين ڄام فتاح  سميجو، زاهد ميراڻي، علي نواز جلباڻي، ڄام معشوق سميجو، سميت ٻيا ڪري رهيا آهن

ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ضلعي گهوٽڪي اندر روزاني جي بنياد تي ڦرون ڌاڙا عام ٿي ويا آھن، هتي قيبلائي تڪرار ۾ بشرا ساوند سميت 3ڄڻن کي قتل ڪيو ويو.

ان کان علاوه ويڳي ماءُ هٿان سليمان لغاري ۽ ڪلثوم لغاري کي پڻ زهر ڏئي هڪ قبرستان ۾ ڦٽو ڪري اڇلايو ويو

 هنن چيو هتي ڏينهن ڏٺي جو ماڻهو روڊن رستن تي محفوظ ناهن هنن مطالبو ڪيو امن امان قائم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.۔۔

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو