عمرڪوٽ: فرسٽ ييئر جي داخلا جي حوالي سان ٻيو ڀيرو انٽري ٽيسٽ ورتي وئي

Spread the love

ميرپورخاص (رپورٽ: خدابخش چوھاڻ ) عمرڪوٽ جي تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ يارھين ڪلاس ۾ داخلا وٺندڙ سوين شاگردن کان اينٽري ٽيسٽ ورتي وئي

جنھن ۾ 1500 کان مٿي شاگردن شرڪت ڪري ٽيسٽ ڏني جنھن ۾ مھمان خاص ايڊيشنل ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ديوندر شرما، انجنيئر ڪنهيا موھن لال، سماجي اڳواڻ مير حسن آريسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر انفارميشن غوث محمد پٺاڻ، محمد عيدل جماڻي، عالمگير بلال، مس صباء،  عبدالعزيز ڪنڀر، ناليواري ڪالم نويس ارباب نيڪ محمد، سابق پرنسپال گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ عبدالقيوم ڪنڀر توڙي ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي،

خبر موجب ريپڊ ٽيسٽنگ سروس ۽ گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ طرفان تاريخ ۾ ٻيو ڀيرو گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ يارھين ڪلاس ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن کان پري اينٽري ٽيسٽ ورتي وئي، جنھن ۾ سماجي اڳواڻن شھرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ شاگردن کان پري اينٽري ٽيسٽ وٺڻ جي عمل کي ساراھيو،

 صحافين سان ڳالهائيندي انجنيئر ڪنهيا لال چيو تہ گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال ۽ ريپڊ ٽيسٽنگ سروس پاران ڪرايل ٽيسٽ ھڪ بھترين عمل آھي جنھن سان شاگردن جي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو

 انھي سان گڏوگڏ پري اينٽري ٽيسٽ ڪرائڻ ساراھ جوڳو عمل آھي انھي سان شاگردن جي ايڪٽوٽيز ۾ اضافو ۽ انھن کي ٽيسٽ بابت معلومات ملي ٿي،

آر ٽي ايس ۽ گورنمينٽ بوائيز کي جس ھجي جنھن تمام بھترين انتظام ڪرائي ٽيسٽ ڪنڊٽ ڪئي، مس صبا صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان ٽيسٽ سينٽر جو وزٽ ڪيو ٻيو دفعو اسان پري اينٽري ٽيسٽ گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ ڏٺي آھي جيڪا شاگردن کان ورتي وئي اھو تمام بھترين عمل آھي اھڙيون ٽيسٽون ۽ ايڪٽوٽيز تعليمي ادارن ۾ ٿيڻ کپن جنھن سان شاگردن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو جذبو اجاگر ٿئي

گورنمينٽ بوائيز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ جي پرنسپال عبدالرؤوف سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ عمرڪوٽ ۾ اسان ٻيو ڀيرو ٽيسٽ ڪنڊٽ ڪرائي آھي جنھن ۾ شاگردن کان ٽيسٽ وٺي انھن جي تعليمي معيار ۽ انھن جي ميرٽ جي بنياد تي انھن کي داخلا ڏني ويندي، تہ جئين ذھين ۽ باصلاحيت شاگردن جي ذھني نشو نما علمي سائنسي تحقيقي ۽ سماجي قدرن کي اجاگر ڪري سگھجي ۽ اھي علائقي صوبي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري سگھن،

 ميڊيا سان ڳالهائيندي ريپڊ ٽيسٽنگ سروس جي سي اي او گووندا موھن لال ٻڌايو تہ اسان اڄ يارھين ڪلاس جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي آھي, ٽيسٽ ۾ اسان انھن شاگردن کي سٺو ماحول ڏنو آھي, ٽيسٽ ڏيندڙ شاگردن جي تعليمي معيار ۽ انھن جي ميرٽ جي بنياد تي انھن کي گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ۾ داخلا ڏني ويندي.

جُولاءِ 20, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو