نائين ڏهين جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي تعليمي بورڊ نائين ۽ ڏهين جي سالياني امتحانن جي نتيجن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب ڏهين ۾ پاس ٿيندڙ شاگردن جو انگ 89 سيڪڙو جڏهن ته نائين ۾ 65 سيڪڙو آهي.هلندڙ سال به شاگردياڻين ٽاپ پوزيشنون ماڻيون آهن.سائنس گروپ ۾ ردا فاطما 1088 نمبرن سان پهرين، مريم غفار ۽ وردا فاروق 1088 نمبر سان ٻي، فاطما انصاري 1087 نمبر سان ٽئين نمبر تي آئي آهي.آرٽس ۾ ملائڪا عامر 1037 نمبرن سان پهرين، ردا فاطما وحيد ۽ زينب خالد 1032 نمبرن سان ٻي ۽ تحسيم ايمان 1031 نمبرن ٽئين نمبر تي آهي.نتيجن جا وڌيڪ تفصيل www.fbise.edu.pk تي ڏسي سگهجن ٿا.
جُولاءِ 18, 2023