دادو : معصوم نياڻي عليشا جي بازيابي سول سوسائٽي پاران احتجاجي مظاهرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) دادو ۾ چنه ويلفيئر اسيوسئيشن ضلع دادو ۽ فورٿ پلر میڊیا واچڊاگ پاران ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي عليشا چنا جي بازيابي لاءِ دادو پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي،
ان موقعي تي فورٿ پلر میڊیا واچڊگ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو صحافي سرور جلال سولنگي، صحافي علي گل چنا، دانش چنا، محمد قاسم چنا، عمران علي چنا، شبير چنا، اديب رجب آزاد ۽ ٻين چيو ته سڄي سنڌ اندر معصوم ٻارڙن کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو پيو وڃي،
سنڌ پوليس ننڊ ستل آهي،ڪنڌ ڪوٽ مان 3 ڏينهن اڳ معصوم نياڻي گهران شيء وٺڻ وئي ته واپس نه موٽي آهي، سندس گهر ۾ ڪهرام متل آهي، هنن چيو ته واقعي جي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي،
هنن دانهيو ته سنڌ اندر سوين مائن جي جهولي خالي ڪئي وئي وڃي،معصوم ٻارن کي اغوا ڪيو پيو وڃي، مظاهرين آء جي سنڌ،ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور اغوا ٿيل معصوم نياڻي عليشا چنا ۽ سنڌ جي ٻين ٻارن کي بازياب ڪرائي سنڌ اندر پيدا ٿيل بيچني جي فضا ختم ڪري ٻارڙن کي اغوا ڪندڙن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي،ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر چنه براداري روڊن تي ايندي.
جُولاءِ 17, 2023