سونيا حسين جي اڳوڻي مڙس بي شادي ڪري ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سونيا حسين جي اڳوڻي مڙس فٽنيس انسٽرڪٽر واصف محمد ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي. هن منتسا ڪياني سان بي شادي ڪئي آهي.
ڪجهه وقت اڳ هڪ انٽرويو ۾ سونيا حسين انڪشاف ڪيو هو ته کيس جڏهن سٺو انسان ملندو ته هو ان سان جلد نڪاح ڪندي.
اداڪارا پنهنجي جيون ساٿي جي حوالي سان چيو هو ته هو فٽ هجي پر سڪس پيڪ هجڻ ضروري ناهي.
سونيا پنهنجي نجي زندگي کي ميڊيا تي وڌيڪ بيان ناهي ڪندي پر ڪجهه وقت اڳ هن اهڙي ڳالهه ڪئي ٻئي پاسي فٽنيس ٽرينر واصف محمد جي نڪاح جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون.
واصف ۽ اداڪارا منتشا ڪياني جو نڪاح جنوري ۾ ٿيو.
ڪراچي ۾ منتشا ۽ واصف محمد جي وليمي جي تقريب ٿي.
ياد رهي ته منتشا ماڊلنگ به ڪندي آهي ۽ ڊرامي ۾ اداڪاري به ڪري چڪي آهي.
