ڪريتي سينن کي مينا ڪماري جو ڪردار ادا نه ڪرڻ جي صلاح

Spread the love

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڀارتي فلمساز تاج دار امروهي ڪريتي سينن کي مينا ڪماري جو ڪردار نه ڪرڻ جومشورو ڏنو آهي.تاج دار امروهي جو چوڻ آهي ته هوءَ ( ڪريتي ) سُٺي اداڪارا آهي پر کيس پنهنجي شهرت برقرار رکڻ لاءِ مينا ڪمارءَ جو ڪردار نه ڪرڻ گهرجي.واضح رهي ته ڪريتي سينن جو شمار بالي ووڊ فلم جي باصلاحيت اداڪارائن ۾ ٿيندوآهي، تازو ئي هن پنهنجو پروڊڪشن هائوس لانچ ڪيو آهي.ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪريتي سينن پنهنجي ايندڙ فلم ۾ مرحومه اداڪارا مينا ڪماريءَ جو ڪردار ادا ڪندي.ياد رهي ته مينا ڪماري مشهور ترين فلم ” پاڪيزه “ سميت نوي کان وڌيڪ فلمن۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا، سندس شمار پنهنجي دور جي خوبصورت اداڪارائن ۾ ٿيندو هو، 38 ورهين جي ڄمار ۾ راهه رباني ورتائين

جُولاءِ 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو