حڪومت وڏي شهر سکر کي لاوارث ڇڏي ڏنو آھي: حاجي محمد جاويد

Spread the love

سکر(    رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ  )سکر ڊيويلپمنٽ الائنس جي چيئرمين حاجي محمد جاويد ميمڻ چيو آهي ته شهر جي چونڊيل نمائندن سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، حڪمرانن، چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن جي عدم توجهه جي ڪري شهرين جي بنيادي مسئلن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي،

بجلي، گئس جي لوڊشيڊنگ شهرين کي ذهني مريض بڻائي ڇڏيو آهي، صفائي سٿرائي جي ابتر صورتحال، پيئڻ جي صاف پاڻي جي عدم فراهمي، مفلوج نڪاسي نظام، ٽٽل روڊ رستا، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ جي ڪري شهري انتهائي ڪربناڪ صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن.

ان جي باوجود چونڊيل نمائندا شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ جي بجاءِ رڳو اقتدار ۽ ايوانن جا مزا ماڻڻ ۾ مصروف آهن، جنهن کي شهرين جي وڌنڌڙ مسئلن جي حل ۾ ڪا به دلڇسپي ناهي، حڪمران، چونڊيل نمائندا ۽ اختياريون اگهور ننڊ مان بيدار ٿي ڪري شهرين جي وڌنڌڙن مسئلن جي حل لاءِ قدم کڻن نه ته ٻئي صورت ۾ ان جي خلاف ايس ڊي اي پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.

 اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفيس ۾ ايس ڊي اي جي منعقد ڪيل اجلاس کي خطاب جي دوران ڪيو. جنهن ۾ ايس ڊي اي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، غلام مصطفي ڦلپوٽو، نور احمد قاسمي، عيدن جاگيراڻي، شاهه محمد انڍهڙ، مولانا عبدالستار بروهي، بابو مهر، محمد منير ميمڻ، محمد صديق مهر، محمد ڪاشف شمسي، عبدالباري انصاري، امداد جهنڊير، طارق علي ميراڻي، ڏاڏو ابڙو، فضل الرحمن ڀٽو، ڊاڪٽر سعيد اعواڻ، فقير رمضان ڪورائي، جاويد ميمڻ، عبدالخالق، شعيب ميمڻ، محمد شهزاد، جاويد علي، غلام محمد، عبدالستار نوناري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ندي حاجي محمد جاويد ميمڻ ۽ ٻين اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوئي گئس کاتي ۽ سيپڪو انتظاميه گئس ، بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري شهرين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ پاسي شديد گرمي ۽ حبس جي باوجود ڪيترائي ڪيترا ڪلاڪ بجلي جي بندش سان شهري عذاب ۾ مبتلا آهن ته ٻئي پاسي سوئي گيس انتظاميه به لوڊشيڊنگ ۽ پريشر ۾ گهٽتائي ڪري شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي،

هنن جو چوڻ هو ته چونڊن جي دوران چونڊيل نمائندا شهرين جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ وڏيون وڏيون دعوائون ۽ اعلان ڪندا آهن. پر ڪاميابي کان پوءِ سکر جي عوام جي مسئلن کي وساري ڪري رڳو اقتدار جا مزا ماڻڻ ۾ مصروف ٿي ويندا آهن.

حڪمران ، چونڊيل نمائندا ۽ اختياريون شهر جي بهتري جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻن ۽ عوام جي بنيادي مسئلن جو خاتمو ڪري انهن کي سهولتون فراهم ڪن، نه ته ٻئي صورت ۾ ان جي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. جنهن جي تمام تر ذميوارين شهر جي چونڊيل نمائندن ۽ آفيسرن تي عائد ٿيندي.

جُولاءِ 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو