سيوهڻ : پ پ پ اڳواڻ پاران مختلف علائقن جا دورا
سيوهڻ شريف (رپورٽ: محمد صفر سيوھاڻي) سيوهڻ ۾ پ پ پ نوجوان اڳواڻ آريان سليم باجاري جي سيوهڻ ۾ دبنگ انٽري.مختلف علائقن جا طوفاني دورا آجياڻن ۾ شرڪت ڪئي،پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان اڳواڻ آريان سليم باجاري ڳوٺ شير خان سولنگي ۾ وڏيري شيرخان سولنگي جي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي
آجياڻي جي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان اڳواڻ وڏي وزير سيد مراد علي شاه جي ويجهي ساٿي آريان سليم باجاري چيو ته وڏيري شير خان سولنگي پاران ڏنل عزت مان ڪڏھن ب وساري ن سگھندس عزت ۽ مان ڏيڻ لاء بي حد ٿورائتو آهيان انشاءالله اوهان جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪنداسين اسان سڀئي هڪ آهيون
پاڪستان پيپلزپارٽي سيوهڻ جا اسان سڀئي اڳواڻ هڪ آهيون چاهي اهو سيد آصف علي شاه هجي سردار سڪندر راهپوٽو هجي يا جيڪي به پارٽي اڳواڻ آهن اسان سڀئي سيد مراد علي شاه جا پوئلڳ آهيون ڳوٺ شيرخان سولنگي لاء بجلي جو نئون ٽرانسافارمر منظور ڪرايو آهي
ترقياتي ڪمن لاء پڻ شروعات ڪئي آهي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳواڻ آريان سليم باجاري سيوهڻ ۾ شيراز قريشي، اعجاز اوٺو،حفيظ هاليپوٽو،آصف سيال نظير رند، غلام شبير گاڏهي غلام نبي سولنگي جي چانھ پارٽي۾ شرڪت ڪئي
ان سان گڏوگڏ ڳوٺ ڀوٿڙا ۾ منظور رند سان سندس والد وليداد رند جي تعزيت ڪئي ء گهلپور ۾ حاجي خان پنجوٿو سان سندس ڀائٽي جي وفات تي تعزيت ڪئي
جُولاءِ 13, 2023