سکر/ڪراچي: ويزن فار ايجوڪيشن پاران پاڪستان ۾ پهرين “واڪ فار سائيٽ” جو افتتاح

Spread the love

سکر/ڪراچي (رپورٽ محسن علي ڀٽي) ويزن فار ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اهتمام هيٺ پاڪستان جي پهرين “واڪ فار سائيٽ” جو باقاعده آغاز ڪيو ويو۔

واک جو افتتاح فريئر هال ڪراچي وٽ فائونڊيشن جي سي اي او ناظم راجاني جي صدارت هيٺ ٿيو۔ تقريب ۾ خرم قاسم علي (گورننگ بورڊ ميمبر)، پروفيسر ڊاڪٽر منصورالظفر، فضل احمد باري، سيد محمود ميان، ڪيپٽن ابرار حسن (ڊائريڪٽر ويزن فار آءِ)، پروفيسر ڊاڪٽر اورنگزيب، فهيم اختر راجپر، فاروق قريشي (فائونڊر ميمبر)، ثمينه سڪندر، شميم احمد سميت ڪراچي جا نامور ڊاڪٽر، مختلف سياسي ۽ سماجي تنظيمن جا نمائندا، واپاري ۽ وڪيل برادري، سول سوسائٽي جا ميمبر، معزز شهري، اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد ۽ ويزن فار ايجوڪيشن فائونڊيشن ٽيم جي ميمبرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ريلي جي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ اکين جي صحت بابت آگاهي، روڪي سگهجندڙ نابينائي جي بچاءَ ۽ احتياطي قدمن بابت لکيل پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي هلندا رهيا۔

ان موقعي تي ويزن فار ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران هڪ ڏينهن وارو مفت اکين جو ڪيمپ پڻ لڳايو ويو، جنهن ۾ نامور ماهرِ چشم ڊاڪٽرن سوين مريضن جو مفت معائنو ڪيو ۽ فائونڊيشن طرفان مفت دوائون پڻ فراهم ڪيون ويون۔

ان موقعي تي سي اي او ناظم راجاني ۽ ٻين مقررن خطاب ڪندي چيو ته “واڪ فار سائيٽ” جو بنيادي مقصد عوام ۾ اکين جي صحت بابت آگاهي وڌائڻ، روڪي سگهجندڙ نابينائي جي بروقت سڃاڻپ ڪرڻ ۽ احتياطي تدبيرن ذريعي ماڻهن کي نظر جي بيمارين کان بچائڻ آهي۔ مقررن جو چوڻ هو ته صحيح وقت تي تشخيص ۽ علاج سان نابينائي جهڙن مسئلن کي گھڻو حد تائين روڪي سگهجي ٿو۔

فيبروري 8, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو