بجلي واهپيدارن لاءِ بُري خبر، اگهن ۾ واڌ جي منظوري

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا ڊسمبر جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب بجلي في يونٽ 28 پيسا مهانگي ڪئي وئي آهي، اهو فيصلو فيبروري جي ماهوار بلن تي لاڳو ٿيندو، بجلي اگهن ۾ واڌ ڪي اليڪٽرڪ سميت سڄي ملڪ جي واهپيدارن تي لاڳو ٿيندي پر لائف لائن واهپيدارن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشنز کي آجو قرار ڏنو ويو آهي.
واضح رهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي ڊسمبر جي ماهوار فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي هئي.

فيبروري 8, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو