سکر ۾ جديد ۽ معياري فوڊ ليبارٽري جو صوبائي وزير خوراڪ مخدوم محبوب الزماں افتتاح
سکر (رپورٽ محسن علي ڀٽي) صوبائي وزير خوراڪ حڪومتِ سنڌ، مخدوم محبوب الزماں، سکر ۾ فوڊ اٿارٽي سکر ۽ ڪنٽينينٽل بسڪٽ لميٽيڊ جي گڏيل سهڪار سان قائم ڪيل جديد ۽ معياري فوڊ ليبارٽري جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو۔
افتتاحي تقريب ۾ سيڪريٽري خوراڪ غلام عباس نائچ، ڊائريڪٽر جنرل خوراڪ شهزاد فضل عباسي، ريجنل ڊائريڪٽر آغا فاروق، ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل احمد علي شيخ، ڊائريڪٽر فنانس زاهد حسين راھوجو، اي ڊي سي سکر بشرا منصور، جنرل مينيجر ڪنٽينينٽل بسڪٽ لميٽيڊ سکر ڪرنل اجمل رفيق، ايڇ آر هيڊ ڪنٽينينٽل بسڪٽ لميٽيڊ ڪرنل شاهد بشير، ريجنل فوڊ اٿارٽي سکر جا آفيسر ۽ ڪنٽينينٽل بسڪٽ لميٽيڊ جا نمائندا شريڪ ٿيا۔
ان موقعي تي صوبائي وزير خوراڪ حڪومتِ سنڌ مخدوم محبوب الزماں کي ڊائريڪٽر ٽيڪنيڪل ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم طرفان جديد ۽ معياري فوڊ ليبارٽري بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي۔
فيبروري 7, 2026