باگڙجي ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن، ضلعي چيئرمين سکر پوليس سان گڏ موجود

Spread the love

سکر(رپورٽ محسن علي ڀٽي) باگڙجي ڪچي جي علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف جاري آپريشن دوران پوليس اهلڪارن جو حوصلو وڌائڻ لاءِ ضلعي چيئرمين سکر سيد ڪميل حيدر شاهه ڪچي پهتو. ان موقعي تي هن گهمرا پوليس پڪٽ جو افتتاح پڻ ڪيو، جڏهن ته ساڻس گڏ ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل به موجود هو.

دوري دوران ايس ايس پي سکر ضلعي چيئرمين کي جاري آپريشن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ڪميل حيدر شاهه چيو ته باگڙجي شهر ماضي ۾ نوگو ايريا بڻيل هو ۽ شهري رات جي وقت هتي اچڻ کان گهٻرائيندا هئا.

هن ڪامياب آپريشن تي ايس ايس پي سکر سميت پوري پوليس ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو.هن چيو ته سکر سميت سڄي سنڌ ۽ پاڪستان کي محفوظ بڻائڻ ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته باگڙجي ڪچي ۾ روڊ، اسڪول ۽ اسپتال تعمير ڪيا ويندا ۽ علائقي جي معاشي صورتحال به بهتر بڻائي ويندي. هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جي ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.سيد ڪميل حيدر شاهه وڌيڪ چيو ته سدوجا ۽ سمورا پنهواري ڪچي ۾ روڊ رستا اڳ ئي ٺاهيا ويا آهن ۽ باگڙجي ڪچي ۾ به جلد رستا تعمير ڪيا ويندا.

هن ٻڌايو ته پڪي علائقن ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي وارداتن جو ڳانڍاپو ڪچي سان هوندو هو، جڏهن ته ضلعي ڪائونسل هينئر تائين ڪچي ۾ 14 پوليس چوڪيون قائم ڪري چڪي آهي.

سنڌ حڪومت طرفان پوليس کي جديد هٿيار پڻ فراهم ڪيا ويا آهن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ بهتر ٿي آهي.
ان موقعي تي ايس ايس پي سکر اظهر خان مغل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪچي ۾ جاري آپريشن جو مقصد سنڌ مان ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آڻڻ آهي. هن ٻڌايو ته ڌاڙيل ڪچي مان ڀتي جون پرچيون موڪلي ڀتو وصول ڪندا هئا ۽ باگڙجي ڪچي جو علائقو سندن اهم ٺڪاڻو بڻيل هو.

سندس چوڻ هو ته ڇهه ڌاڙيلن جون لاشون مليون آهن جڏهن ته اطلاع آهن ته لڳ ڀڳ 15 ڌاڙيل ماريا ويا آهن، رجب ۽ ڪشمير جتوئي گينگ سميت 40 ڌاڙيلن گرفتاري پيش ڪئي آهي.

ايس ايس پي موجب آپريشن هاڻي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ماضي ۾ ڌاڙيل قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سنجيده نه وٺندا هئا، پر هاڻي اهڙي جرئت نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته سکر پوليس ضلعي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قرباني کان دريغ نه ڪندي.

فيبروري 7, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو