چين جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان خاص درجو رکي ٿو: وزيراعظم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مالياتي اداري طرفان ٽي ارب ڊالر جو اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ معاهدو ٿيڻ ۽ سعودي عرب کان ٻه ارب ڊالر ملڻ بعد چين به مالي استحڪام لاءِ پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي.
وزيرِ اعظم شهباز شريف سان چين جي ناظم الامور پانگ چنڪسو ملاقات ڪئي، ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين پاڪستنا کي هڪ اهم اقتصادي ڀائيوار سمجهي ٿو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ مالي استحڪام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنوته سي پيڪ بليٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي ۽ چين جي قيادت سي پيڪ کي بي آر آءِ جي اعليٰ معيار جي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي حڪومت جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي 102 هين سالگرهه تي واڌايون ڏنيون ۽ پاڪستان جي يڪجهتي، سالميت ۽ اقتصادي ترقي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي جي قيادت جي حمايت تي شڪريو ادا ڪيو.
هن چيوته چين پاڪستان ۽ چين سدائين ڏئي وقت ۾ هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ گڏيل مفادن واري معاملي تي هڪٻئي جي غير مشروط حمايت ڪئي آهي.
وزيرِاعظم وڌيڪ چيو ته چين جي حڪومت ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان جو خاص درجو آهي ۽ اسان سمورن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون.
