دادو: 8 فيبروري چونڊون پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهن: شبانه نواب

Spread the love

دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي) پاڪستان تحريڪ انصاف ليڊيز ونگ جي ڊويزنل وائيس پريزيڊنٽ شبانه نواب 8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ زبردست ڌانڌلي خلاف ملڪ گير شٽر ڊائون هڙتال جي سڏ جي سلسلي ۾ دادو پريس ڪلب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 8 فيبروري پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو انتهائي ڪارو ڏينهن آهي

ڇو ته هن ڏينهن عوامي راءِ تي ڌانڌلي ذريعي ڌاڙو هنيو ويو، شبانه نواب چيو ته جمهوريت جي بحالي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ڀرپور ۽ پرامن احتجاج ڪندي، هن الزام لڳايو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۽ ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته آزاد عدليه جو گلو گھوٽيو ويو آهي

هن وڌيڪ چيو ته آئين ۽ جمهوريت جي تحفظ لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي، هن اعلان ڪيو ته 8 فيبروري تي دادو ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ڪارڪن روڊن تي نڪري ايندا ۽ مڪمل شٽر ڊائون هڙتال ڪئي ويندي، ان موقعي تي آءِ ايس ايف نائب صدر ڪاشف پنھور ۽ محمد فراز ٿھيم پڻ موجود هئا.

ان کان اڳ دادو پريس ڪلب جي نون چونڊيل عهديدارن نائب صدر سرور جلال سولنگي، جنرل سيڪريٽري گلڻ ڀنڊ ۽ الله بخش خشڪ کي گلن جا هار پارايا ويا ۽ کين مبارڪباد ڏني وئي،

فيبروري 6, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو