سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي
لاهور (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
پيٽروليم ڊيلرز چيئرمين سميع خان موجب پيٽروليم شين جي وڪري تي موجوده مارجن تي ڪم ڪرڻ ممڪن ناهي، 12 جولاءِ تي لاهور ۾ پيٽروليم ڊيلرز جو هنگامي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مارجن سميت حڪومت کان مطالبن ۽ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو.
هن چيو ته بجلي، ملازمن جي پگهارن، وياج جي شرح، ٽيڪسن ۽ ٻين خرچن ۾ واڌ سبب موجوده مارجن تي ڪم ڪرڻ ناممڪن آهي، سمگل ٿيل پيٽرول ۽ ڊيزل سان ڊيلرز جي سيل ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪاروبار جي لاڳت ۾ واڌ سبب چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده مارجن تي ڪم ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڪم بند ڪري ڇڏيون، حڪومت ڊيلرن جو پنج سيڪڙو مارجن بحال ڪري.
