بلوچستان: آپريشن ردالفتنه ون ڪاميابي سان مڪمل، 216 دهشتگرد ماريا ويا
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان ۾ جاري آپريشن ردالفتنه ون ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو.
آءِ ايس پي آر موجب پنجگور ۽ هرنائي ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ۾ 216 دهشتگرد ماريا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي پراڪسي نيٽ ورڪس کي وڏو نقصان پهتو ۽ قيادت سميت ڪمانڊ سسٽم تباهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فتنه الهندستان جون بلوچستان ۾ بدامني جون ڪوششون خاڪ ۾ ملايون ويون، ان آپريشن ۾ مارجي ويل دهشتگردن وٽان پرڏيهي هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ جديد اوزارن جو وڏو ذخيرو برآمد ٿيو، دهشتگردن کي ٻاهرين سهولتڪاري ۽ لاجسٽڪ سپورٽ جون پڪيون شاهديون موجود آهن.
آءِ ايس پي آر موجب ان آپريشن ۾ 36 معصوم شهري ۽ 22 بهادر جوان شهيد ٿيا، شهيدن جي قربانين کي سلام آهي، قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺي آهي ۽ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رهنديون.
