گھانا ۾ صنعتڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن: ايريڪ اووسو
ڪراچي (رپورٽ: ثناءُ ﷲ هڪڙو ) پاڪستان ۽ ايران ۾ گھانا جي هاءِ ڪمشنر ايريڪ اووسو چيو آهي ته گھانا ۾ صنعتڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. گانا جي مدد سان پاڪستاني سيڙپڪار ۽ صنعتڪار آفريقي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. حڪومت گانا جي ٽيڪسٽائيل شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ سهولتون فراهم ڪندي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي ) ۾ خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ کاٽي جي صدر فراز الرحمان، ڊپٽي سرپرست جنرل زبير چانڊيو، سينيئر نائب صدر نگهت اعواڻ، اعزازي ڪائونسل جنرل اختر بيگ ۽ ٻيا صنعتڪار پڻ موجود هئا.
گھانا جي هاءِ ڪمشنر ايريڪ اووسو وڌيڪ چيو ته گھانا ۾ صنعت قائم ڪرڻ لاءِ ٽيڪس سميت ڪيترائي مراعتون ڏنيون وينديون، جڏهن ته گھانا ۾ ماهر ۽ سستا مزدور موجود آهن. هن چيو ته پاڪستاني صنعتڪار گانا ۾ صنعتون قائم ڪري آفريڪا جي 1.4 بلين ماڻهن جي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا.
هاءِ ڪمشنر وڌيڪ چيو ته گھانا ۾ انڊسٽريلائيزيشن مان پيدا ٿيندڙ شيون ڊيوٽي فري سڄي دنيا ۾ برآمد ڪري سگهجن ٿيون. ان کان اڳ ڪاٽي جي صدر فراز الرحمان چيو ته ڪاٽي واپاري برادري کي آفريقي مارڪيٽن تائين رسائي ۾ مدد ڪندي. گانا سان واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ واپاري وفدن جي مٽاسٽا ضروري آهي.
هن چيو ته گانا ۾ موجود سهولتن مان فائدو وٺي آفريقي مارڪيٽن تائين آساني سان پهچي سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن حڪومت گانا ۾ صنعت کي مراعات ڏئي ته پاڪستاني واپاري برادري صنعت کي فروغ ڏئي سگهي ٿي،
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سنگل ملڪ نمائش منعقد ڪئي وڃي. صدر ڪاٽي چيو ته ٻئي ملڪ ترقي ڪري رهيا آهن ان ڪري هو گڏيل طور تي ڪرنسي سوپ مان فائدو وٺي سگهن ٿا ۽ مقامي ڪرنسي ۾ واپار ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ بارٽر ٽريڊ لاءِ رستا پڪا ڪيا وڃن. اعزازي قونصلر ڪورپ سنڌ جي صدر ۽ اعزازي قونصل جنرل يمن اختر بيگ چيو ته پاڪستاني صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن کي آفريڪن پاليسي مان فائدو کڻڻ گهرجي. جتي صنعتون لڳائڻ لاءِ سستي زمين ۽ ٽيڪسن ۾ رعايتون شامل آهن.
هن چيو ته گانا ۾ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري قائم ڪرڻ جو نادر موقعو آهي.ان موقعي تي ڪاٽي جي نائب سرپرست زبير چانڊيو چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته پاڪستان ۽ گانا وچ ۾ واپار جو حجم گهٽ آهي جنهن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي.
جُولاءِ 11, 2023