قائد عوام يونيورسٽي نواب شاھ ۾ ٻئين انٽرنيشنل ڪانفرنس: موسمي تبديلي ۽ ماحولياتي پائيداري

Spread the love

نواب شاھ ( رپورٽ عبدالفتاح رند) قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ جي انرجي انوائرمينٽ ڊپارٽمينٽ پاران موسمي تبديليون ۽ ماحول کي پائيدار بڻائڻ جي موضوع تي ٻئين انٽرنيشنل ڪانفرنس يونيورسٽي جي سينيٽ ھال ۾ ٿي گذري

انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ انڊونيشيا ملائيشيا سميت مخلتف ملڪن جي ماھرن شرڪت ڪئي انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ وائيس چانسلر قائد عوام يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نواب شاھ پروفيسر ڊاڪٽر سليم رضا سمون ڳالھائيندي چيو ته شجرڪاري ڪئي وڃي

جنگلات جي ڪٽائي روڪڻ ۽ نوان وڻ لڳايا وڃن صاف توانائي: ڪوئلي ۽ تيل بدران شمسي (سولر) ۽ هوا (ونڊ) مان بجلي پيدا ڪرڻ گھرجي پاڻي جو تحفظ ڪيو وڃي زيرِ زمين پاڻي جي سطح برقرار رکڻ لاءِ جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن انڊونيشيا جي ڪائونسل جنرل مدثر ايم اي ڳالھائيندي چيو ته انڊونيشيا پاڪستان سميت موسمي تبديلي دنيا ۾خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي ھن وقت پاڪستان ۽ انڊونيشيا گھڻي حد تائين متاثر ٿي رھيا آھن

انڊونيشيا ۾سمنڊ جي پاڻي جي سطح وڌڻ ۽ پاڪستان ۾ تيز طوفاني برساتن ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا جون يونيورسٽيون ان تي ريسرچ ڪن ۽ ھڪٻئي سان ڊيٽا شيئر ڪن جيئن ايندڙ وقت ۾ موسمي تبديلي کي منھن ڏئي سگھجي

ملائيشيا جي سراوڪ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر عبدالله بن حاجي ياسين چيو ته موسمي ۽ ماحولياتي تبديلي تي اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو اسان جي يونيورسٽي اڳ ۾ ئي قائد عوام يونيورسٽي سان ايم او يو صحيح ڪري ڇڏي آهي

جنهن سان ريسرچ بعد ٻنھي ملڪن ۾فائدو ٿي سگهي ٿو انٽرنيشنل ڪانفرنس ۾ سينيئر تجزيه نگار نصير احمد ميمڻ ڊائريڪٽر ايم ايڇ پنھور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ڄامشورو غلام سرور پنھور مھراڻ يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ڀاون شنڪر پروفيسر وائيس چانسلر قائد عوام يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر ڪشن چند پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقيوم جکراڻي ڊاڪٽر عمران سمون ۽ ٻين چيو ته موسمياتي تبديلي رڳو هڪ نظريو نه پر هڪ تلخ حقيقت آهي، جيڪا پاڪستان سميت سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي

ھنن چيو ته زمين جي وڌندڙ گرمي پد ۽ غير يقيني موسمي حالتن جو وڏو سبب انساني سرگرميون ۽ گرين هائوس گيسن جو اخراج آهي ھنن چيو ته جيڪڏهن وقت سر اثرائتا قدم نه کنيا ويا ته گليشيئرز جو پگھلڻ ۽ ٻوڏ جهڙا واقعا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويندا

ھنن چيو ته ماحولياتي پائيداري کي وقت جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو ته اها اهڙي زندگي جي طرز ۽ نظام جو نالو آهي، جنهن ۾ موجوده وسيلن کي اهڙي نموني استعمال ڪيو وڃي جو ايندڙ نسلن لاءِ به ڪجهه باقي رهي

فيبروري 3, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو