جھرڪ اسپتال ايم ايس ڊاڪٽر جبار ميمڻ خلاف احتجاج، پريس ڪلب ٺٽو اڳيان مظاهرو

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) جھرڪ جي رهواسين قومپرست اڳواڻن ۽ سِوِل سوسائٽيءَ جي عهديدارن جئي سنڌ محاذ جي صدر امجد شورو جي اڳواڻي ۾ ايم ايس جھرڪ اسپتال ڊاڪٽر جبار ميمڻ خلاف ايوانِ صحافت پريس ڪلب ٺٽو آڏو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري دوران شرڪت ڪندڙن سخت نعريبازي ڪندي ايم ايس کي فوري طور عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو.
ان موقعي تي مظاهرين بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي رکيا هئا، جن تي لکيل هو ته “ڪرپٽ ايم ايس نامنظور”، “جھرڪ اسپتال کي بچايو” ۽ “ڪرپشن خلاف جدوجهد جاري رهندي”. هنن ٻڌايو ته احتجاج ۾ جھرڪ اسپتال جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ وڏي انگ ۾ ڪئمپ هڻي احتجاج ڪري رهيا آهن .
جئي سنڌ محاذ جي صدر امجد شورو مظاهرين کي خطاب ڪندي چيو ته ايم ايس جھرڪ اسپتال ڊاڪٽر جبار ميمڻ، جيڪو رٽائرڊ آفيسر آهي، مرف (MERF) جي انچارج ملڪ آدم سان ملي ڀڳت ڪري اسپتال جي فنڊن ۽ سهولتن ۾ ڪرپشن ڪري رهيو آهي. هن الزام هنيو ته ٻئي ڄڻا رٽائرڊ هجڻ باوجود گڏجي سرڪاري وسيلن جو ناجائز استعمال ڪري رهيا آهن،

جنهن سبب جھرڪ اسپتال ۾ مريضن کي بنيادي سهولتون به مهيا نٿيون ڪيون وڃن.
امجد شورو وڌيڪ چيو ته جھرڪ جي عوام ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو گڏيل مطالبو آهي ته ايم ايس جبار ميمڻ کي فوري طور عهدي تان هٽايو وڃي ۽ سندس خلاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي. هن خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته ايندڙ مرحلي ۾ سول اسپتال مڪلي ۾ مرف جي انچارج ملڪ آدم جو گهيراءُ ڪيو ويندو ۽ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪيو ويندو.
مظاهرين جو چوڻ هو ته ايم ايس جي مبينا ڪرپشن سبب اسپتال ۾ دوائون اڻلڀ آهن، صفائي جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ مريضن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اسٽاف سان نهايت ناروا سلوڪ رکي ويٺو آهي . هنن مطالبو ڪيو ته جھرڪ اسپتال کي ڪرپشن کان پاڪ ڪري عملي کي سهولتون ڏنيون وڃن ته جيئن علائقي جي غريب عوام کي بهتر علاج ملي سگهي.
آخر ۾ مظاهرين انتظاميا کي سخت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جلد سندن مطالبن تي عمل نه ڪيو ويو ته احتجاجي تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو.

فيبروري 3, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو