ٺٽو ۾ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اجلاس

Spread the love

ٺٽو (نظير احمد قريشي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت مرڪزي ۽ صوبائي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي مؤثر عملدرآمد جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.

اجلاس ۾ ضلعي سطح تي امن امان ، مذهبي هم آهنگي ، انتهاپسندي ، منشيات ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اسمگلنگ سميت نيشنل ايڪشن پلان سان لاڳاپيل مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو۔ ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته غير معياري ۽ مدي خارج شين جي تياري ۽ وڪري خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي .

هن چيو ته سڀئي آفيسر پنهنجا فرض سچائي ۽ ايمانداري سان سرانجام ڏين. هن وڌيڪ چيو ته مرڪزي ۽ صوبائي سطح تي ڪيل فيصلن تي بروقت ۽ مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ کاتن وچ ۾ رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو وڃي ۔

هن چيو ته هن فورم ذريعي ضلعي انتظاميا سڀني ادارن کي سپورٽ ۽ فعال بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي، سڀئي آفيسر درپيش مسئلا اجاگر ڪن ته جيئن انهن جي حل لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس طرفان هر ممڪن سهڪار کي يقيني بڻايو ويندو۔

اجلاس کي ايس ايس پي فاروق احمد بجاراڻي ضلعي سطح تي منشيات ، چوري ، ڌاڙيلين ۽ ٻين ڏوهن خلاف ڪيل ڪارروائين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني . اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون غلام دستگير شيخ ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو وليد ڊاوچ ، اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو ، ميرپور ساڪرو، گهڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر، علماءِ ڪرام ، مذهبي اسڪالرز سميت لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي ۔

شرڪت ڪندڙن نيشنل ايڪشن پلان جي مختلف نقطن تي پيش رفت بابت آگاهي ڏني ۽ مستقبل جي لائحه عمل تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ان عزم جو اظهار ڪيو ته ضلع ٺٽو ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي مڪمل ۽ مؤثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو ته جيئن امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي۔

فيبروري 3, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو