دادو ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي جي وارثن عدالت ۾ پيش
دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) دادو شھر ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نادر جمالي جي وارثن پاران داخل 22 اي بي تي ٻڌڻي سيشن جج دادو زاھد حسين ميتلو جي عدالت ۾ ٿي
الزام ھيٺ آيل ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) امير سعود مگسي سميت 16 پوليس آفيسر ڊي ايس پي سٽي سلطان احمد چانڊيو، ايس ايڇ او اي سيڪشن قربان قمبراڻي، ايس ايڇ او بي خليل رحمان مسڻ، ايس ايڇ او سي آءِ اي بينظير جمالي، ون فاءِ انچارج شاھد پنھور ۽ اهلڪار عدالت ۾ پيش ٿيا، ايف آئي ٽيم ۽ وارث بہ عدالت پھتا
جڊيشنل انڪوائري سيشن جج دادو کان ڪرائڻ تي وارثن بي اعتمادي ظاھر ڪري ڇڏي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي درخواست گذار بابر جمالي ۽ خادم جمالي جو چوڻ هو ته جڊيشنل انڪوائري سيشن جج نه پر ڪو ٻيو جج ڪري اهڙي درخواست سيشن جج وٽ پڻ داخل ڪرائي آهي
فريادي ڌر جي وڪيل مير احمد منڱريو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سيشن جج زاهد حسين ميتلو ٻڌڻي دوران چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جڊيشنل انڪوائري جو ليٽر اچي ويو آهي جنهن لاءِ هاءِ ڪورٽ کان اجازت وٺي انڪوائري شروع ڪبي جنهن جي ڪري 22 اي بي جي درخواست نه ٻڌجي جنهن تي عدالت کي اسان چيو ته 22 اي بي جي درخواست سان جڊيشنل انڪوائري جو ڪوبه واسطو ناهي ۽ اوهان درخواست ڪنهن ٻئي جج ڏانهن منتقل ڪيو جيڪو درخواست تي ٻڌڻي ڪري ڇو جو وارثن اوهان تي بي اعتمادي ظاهر ڪئي آهي
جنهن تي عدالت ٻڌڻي 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت کان ٻاهر نڪرڻ دوران ايس ايس پي دادو ۽ ٻين پوليس آفيسر ۽ اهلڪارن خلاف عدالت جي احاطي اندر ڇتي سخت نعري بازي ڪئي وئي، ايس ايس پي دادو ميڊيا کي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي ان ڪري موقف نه ٿو ڏئي سگهان،
فيبروري 3, 2026