دادو ۾ استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج پاران ڪشميرين سان يڪجهتي ريلي ۽ تقريب

Spread the love

دادو(رپورٽ: سرور جلال سولنگي) استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو طرفان ڪشميرين سان قومي يڪجھتي طور 3 فيبروري تي ريلي ڪڍي ۽ ليڪچر پروگرام جي تقريب ڪري ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪيو ريليءَ کي خطاب ڪندي پرنسيپال محمد عرفان ڪلھوڙي چيو تہ ڪشمير پاڪستان جي شھ رڳ آھي، ڀارت ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي

اسين ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي مدد جاري رکنداسين، ڀارتي فوج جي هٿان ڪشميرين تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل قومون ڪردار ادا ڪن ۽ حڪومت پاڪستان ۽ پاڪ آرمي کي اپيل ٿا ڪيون تہ ڀارت جي ايل او سي خلاف ڀڃڪڙين ۽ سازشن جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو وڃي، پروفیسر سيد حب علي شاه چيو تہ پوري دنيا ۾ مسلمانن خلاف محاذ کليل آھن اقوام متحده خاموش ڇو آھي

ان جو بنيادي سبب اھو آھي تہ مسلمانن ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ناھن جيستائين اسين متحدہ نہ ٿينداسين تيستائين ڪشمير جي آزادي، فلسطين جي آزادي، بوسينا جي مسلمانن جا مسئلا حل نہ ٿيندا، پروفيسر رشيد لغاري چيو تہ ڪشمير زمين جنت مثل آھي، معاشي طور جيڪا ورھاست ڪئي وئي

ان ۾ منافقت ڪئي وئي ڪشمير ۾ اڪثريت مسلمانن جي آھي جيڪي پاڪستان سان گڏ رھڻ چاھن ٿا، اقوم متحده جي منظور ڪيل چارٽر تي عمل ڪيو وڃي ۽ ڪشمير کي حق خود اراديت جو موقعو ڏنو وڃي، پروفيسر سيد حب علي شاھ چيو تہ اسلامي ملڪ گڏيل طور اقوام متحده ۽ ڀارت تي زور وجھن ۽ ڪشميرين کي پنهنجي حق خود اراديت جو حق استعمال ڪرڻ ڏين ۽ ڪشميرين جي قتل عام جي شديد ۾ لفظن مذمت ڪئي وئي، آخر ۾ گڏيل طور اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ويو تہ ڪشميرين مٿان تشدد ظلم ۽ جبر بند ڪيو وڃي،

فيبروري 3, 2026

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو