وڳڻ : سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف احتجاجي مظاھرو
وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو) سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي خلاف سجاڳ نوجوان اتحاد سنڌ طرفان احتجاجي مظاھرو ڪري سوئيڊن حڪومت خلاف سخت نعاريبازي ڪئي وئي
احتجاجي مظاھري کي اڳواڻن ڪامريڊ غلام حسين مغيري،گلاب وڳڻ،ساجد بلوچ،بدرالدين پنھور،فدا مغيري،ضمير حسين مغيري،۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سوئيڊن واقعي پوري امت مسلمه جون دليون رنجايون آھن،
پوري قوم اڄ ٻاھر نڪري اسلام دشمن قوتن کي پيغام ڏنو آھي ته قرآن پاڪ جي بيحرمتي ڪڏھن ۽ ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھي،
قرآن پاڪ اسان مسلمانن جو ايمان ، شفا ۽ سچو آخري ڪتاب آھي جيڪو اسان کي اسلام جي روشني ۾ سڌي زندگي گذارڻ جي ھدايت ڏئي ٿو.
جُولاءِ 11, 2023