عرفي جاويد، اميشا پٽيل کي وڏو مهڻو ڏئي ڇڏيو
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اميشا پٽيل تي او ٽي ٽي پليٽ فارمن تي تنقيد کانپوءِ ٽرولنگ ڪئي پئي وڃي ۽ هاڻ ان تي عرفي جاويد جو ردعمل به اچي ويو اهي.
اميشا پٽيل ڊجيٽل پليٽ فارمن بابت هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو ته او ٽي ٽي جو مواد هم جنس پرستي ۽ تڪراري موضوعن تي ٻڌل آهي، جنهن کي فيملي سان گڏ نٿو ڏسي سگهجي.
هن چيو ته ماڻهو سٺي ۽ صاف سٿري سئنيما جا منتظر آهن، جتي ٻار پنهنجي وڏن سان گڏجي فلم ڏسي سگهن پر او ٽي ٽي تي اهڙيون فلمون ٺاهيون پيون وڃن، جيڪي ڪير پنهنجي ٻارن کي ڏيکارڻ پسند نه ڪندو.
پر عرفي جاويد کي اميشا پٽيل جي اها تنقيد پسند نه آئي ۽ هن انسٽاگرام تي اداڪارا جي تصوير سان گڏ اسٽوري ۾ لکيو ته ”جڏهن عوامي ماڻهو بنا تحقيق جي حساس موضوعن تي گفتگو ڪندا آهن ته مون کي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي.
هن اميشا کي سڌي ريت نشانو بڻائيندي چيو ته انڊسٽري ۾ 25 سالن تائين ڪم نه ملڻ اداڪارا کي هڪ سخت شخصيت بڻائي ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته اميشا پٽيل بلاڪ باسٽر فلم ”غدر“ جي سيڪوئل سان ٻيهر وڏي پردي تي واپس اچي رهي آهي، جيڪا 11 آگسٽ تي رليز ٿيندي.
