دادو ضلعي جي فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي گڏجاڻي منعقد

Spread the love

دادو (رپورٽ:سرور جلال سولنگي ) دادو ضلعي جي فنڪارن، اديبن ۽ شاعرن جي اهم گڏجاڻي دادو ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن(سفوا) جي مرڪزي آفيس ۾ ٿي گذري، ياد رهي ته سفوا جو باني چيئرمين سيد منور علي شاهه جي المناڪ وڇوڙي جي ٻن مهينن کانپوءِ سفوا جي نئين چيئرمين جي چونڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سفوا ضلع دادو جي چئني تعلقن ۽ يونٽن جي گڏجاڻي به ٿي، جنهن ۾  آرٽسٽن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،

گڏجاڻي ۾ سڄي ضلعي جي اداڪارن، فنڪارن چوڌري اصغر ٿهيم، اسد ڪورائي، استاد حضور بخش، سيد نثار شاھ، خليل عارف، اسماعيل چانڊيو، احمد علي شيخ، عزيز قمبراڻي، اياز گل چانڊيو، نظير بروهي، نور ڪنڀر، لالا فيروز، ستار نوحاڻي، ميرل پنهور ۽ لالا فاروق سولنگي ڀرپور شرڪت ڪئي،

مجموعي طور تي سڀني جي راءِ سان لالا رفيق زنئور کي سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جو چيئرمين چوندي باقي رهيل عھديدن تي چونڊ  10 هين محرم الحرام کانپوءِ ڪئي ويندي، آرٽ ڪائونسل ضلعي دادو جي عھديدارن ۾ صدر منظور آڪاش سولنگي، نائب صدر سيد نثار علي شاهه جنرل سيڪريٽري لالا رفيق زنئور، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري زاهد صديقي ۽ خزانچي چوڌري اصغر ٿهيم کي چونڊيو ويو،

جڏهن ته آرٽ ڪائونسل دادو جي مختلف  ڪاميٽي پرفارمنگ آرٽ لاءِ چيئرمين  اسماعيل چانڊيو،  ميوزڪ ڪاميٽي لاءِ چيئرمين منظور سخيراڻي، لٽريچر ڪاميٽي لاءِ چيئرمين تابش بخاري، فائين آرٽ ڪاميٽي لاءِ چيئرمين رجب آزاد ۽  لائبريري چيئرمين خليل عارف سومرو کي مقرر ڪيو ويو

ان موقعي تي لالا رفيق زنئور چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر آرگنائيزيشن جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم سيد منور علي شاھ جي وڇوڙي کان پوءِ سڀني جي متفق راءِ سان اڄ هي باڊي جوڙي رهيا آهيون جنهن جو هڪ ئي مقصد آهي

سنڌ خاص ڪري دادو ضلعي جي فنڪارن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻ ۽ فن جي خدمت ڪرڻ، اهو ئي مرحوم سيد منور علي شاھ جي جو مشن هو، جنهن کي هر حال ۾ پورو ڪيو ويندو.

جُولاءِ 10, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو